اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع تائين سرڪاري ادارن جو خسارو 342 ارب 80 ڪروڙ رپيا رهيو.نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) 124 ارب 70 ڪروڙ رپين جي خساري سان سڀ کان اڳيان رهي، جڏهن ته او جي ڊي سي ايل 73 ارب رپين جي منافعي سان پهرين نمبر تي رهيو.حڪومت خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ملڪيت وارن ادارن کي 804 ارب رپين جي مالي سهائتا فراهم ڪئي، جيڪا گذريل عرصي جي مقابلي ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران 23 سرڪاري ملڪيت وارن ادارن (ايس او ايز) جو مجموعي خسارو 342 ارب 80 ڪروڙ رپيا رهيو.










