ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسمياتي کاتي ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، وڌ کان وڌ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي.موسمياتي کاتي ٻڌايو ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ گهم وارو رهڻ جو امڪان آهي.کاتي موجب، صبح جو هوا ۾ گهم جو تناسب 74 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، ۽ اتر اولهه کان هوائون 4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.










