بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي هڪ عدالت 200 کان وڌيڪ ٻارن کي سيهي يعني ليڊ مليل خوراڪ ڏيڻ جي الزام هيٺ نرسري جي مالڪياڻي ۽ عملي جي پنجن ميمبرن کي قيد جون سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن. چيني سرڪاري ميڊيا موجب صوبي گانسو جي شهر تيان شوئي ۾ ڪنڊرگارٽن هلائيندڙ لي هُوئي فانگ کي زهريلي ۽ نقصانڪار خوراڪ تيار ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ليڊ جي کاڌي کي وڻندڙ ۽ چمڪدار بڻائڻ لاءِ مختلف رنگن جا پگمينٽس ملايا ويا هئا. جولاءِ 2025ع ۾ نرسري جي 247 ٻارن ۽ عملي جي ميمبرن جي رت ۾ سيسو جي مقدار معمول کان تمام گهڻي ظاهر ٿي هئي، جنهن کانپوءِ اهو معاملو سامهون آيو. ان کان اڳ ٻارن جي بيمار ٿيڻ جا اطلاع مليا هئا. واقعي جي جاچ دوران معلوم ٿيو ته باورچي کاڌي جي ظاهري شڪل بهتر بڻائڻ ۽ وڌيڪ ٻارن کي متوجه ڪرڻ لاءِ اهڙو پينٽ استعمال ڪري رهيا هئا، جيڪو استعمال لائق نه هو. ان پينٽ تي واضح طور لکيل هو ته ان کي خوراڪ ۾ استعمال نٿو ڪري سگهجي.عدالت لي هُوئي فانگ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ سندس ذاتي ملڪيت مان 5 لک يوان ضبط ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي.










