ڪراچي )اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مڪاني حڪومت واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) ۽ ڀرپاسي وارن علائقن کي ڌملاٽي مان روزانو 10 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ واري منصوبي جو سنگِ بنياد رکي ڇڏيو. تقريب فلٽريشن پلانٽ سائيٽ، ڪريڪ ايونيو، ڊي ايڇ اي فيز VII ۾ منعقد ٿي. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر مرزا اختيار بيگ، وڏي وزير سنڌ جو صلاحڪار نجمي عالم، ڪراچي جو ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي، چيف آپريٽنگ آفيسر اسدالله خان، ايف ڊبليو او ۽ ڪينٽونمينٽ بورڊ جا آفيسر، چونڊيل نمائندا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي مڪاني حڪومت واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ترقياتي ويزن ڌملاٽي کان ڊي ايڇ اي کي روزانو 10 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ واري منصوبي جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايف ڊبليو او اهو منصوبو مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪري وٺندي.هن چيو ته سنڌ حڪومت منصوبي لاءِ گهربل فنڊ فراهم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي.هن چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 150 شاهراهن تي ترقياتي ڪم جاري آهي، جڏهن ته شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ منصوبا پڻ شروع ڪيا پيا وڃن. صوبائي مڪاني حڪومت واري وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ خيابانِ اتحاد ۽ خيابانِ شهيد جي هنڌن تي ٻه نوان منصوبا شروع ڪري رهي آهي، جن سان شهرين کي سفري سهولتن ۾ بهتري حاصل ٿيندي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقي ۽ شهري مسئلن جي حل لاءِ مختلف ادارن سان گڏجي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڌملاٽي کان ڊي ايڇ اي کي پاڻي فراهم ڪرڻ وارو منصوبو پڻ ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڌملاٽي کان ڊي ايڇ اي تائين روزانو 10 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ واري منصوبي تي 14 ارب رپين جي لاڳت ايندي، جڏهن ته منصوبو 12 مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته منصوبي سان ڊفينس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي لکين رهواسين کي فائدو پهچندو. هن چيو ته ماضي ۾ ڊي ايڇ اي کي پاڻي فراهم ڪرڻ بابت ڪيترائي واعدا ڪيا ويا، پر انهن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو. هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نمائندن ان منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. مرتضيٰ وهاب منصوبي ۾ سهڪار ڪرڻ تي ڪينٽونمينٽ بورڊ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سي بي سي هن معاملي ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو آهي ۽ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي. ڪراچي جي ميئر موجب ڌملاٽي کان ڊي ايڇ اي تائين اضافي پاڻي پهچائڻ لاءِ خصوصي پائپ لائن وڇائي ويندي، جنهن ۾ ڌملاٽي سورس، پمپنگ، ايڇ ڊي پي اي مين ٽرانسميشن ۽ ڊي ايڇ اي انٽرفيس شامل هوندا. ڌملاٽي مان پاڻي پمپنگ ذريعي ايڇ ڊي پي اي مين تائين پهچايو ويندو، جڏهن ته ڊي ايڇ اي انٽرفيس تي پاڻي جي فلٽريشن ۽ ٽريٽمينٽ جو انتظام پڻ منصوبي جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ ايف ڊبليو او گڏيل طور منصوبي تي ڪم ڪندا، جنهن جو مقصد ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جو اضافي ذريعو ۽ جديد انجنيئرڊ ٽرانسميشن سسٽم فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ايف ڊبليو او ۽ سنڌ حڪومت ڊي ايڇ اي لاءِ وڌيڪ ترقياتي منصوبن تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن، جن جو سڌو سنئون فائدو علائقي جي رهواسين کي حاصل ٿيندو. هن ٻڌايو ته خيابانِ شهيد تي فلاءِ اوور، خليق الزمان روڊ تي نئون فلاءِ اوور ۽ شاهراهِ ڀٽو جي طيبه مسجد ڏانهن توسيع جا منصوبا پڻ عمل هيٺ آهن. ميئر ڪراچي سيوريج جي پاڻي جي ٽريٽمينٽ بابت چيو ته ماضي ۾ گندو پاڻي بغير ٽريٽمينٽ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو هو، پر هاڻي ڪراچي ۾ روزانو 35 ملين گيلن سيوريج جي پاڻي کي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جنوري 2027ع تائين روزانو 100 ملين گيلن پاڻي ٽريٽ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڌملاٽي کان ڊي ايڇ اي پاڻي فراهمي وارو منصوبو شهرين کي درپيش پاڻي جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. منصوبي جي بروقت تڪميل سان ڊي ايڇ اي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي وڌيڪ بهتر ٿيندي.










