اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، امن امان ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاقي حڪومت خيبر پختونخواهه جي ترقي ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم جاري رکندي. ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ رابطا وڌايا وڃن ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن. ملاقات ۾ ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.










