خيبرپختونخواهه مان اعليٰ آفيسرن جون بدليون

خيبرپختونخواهه مان اعليٰ آفيسرن جون بدليون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر رول لاڳو ڪرڻ بعد تحريڪ انصاف جي سفارش تي مقرر ڪيل ڪامورن جي پڻ بدلين ۽ مقررين جو عمل تيز ٿي ويو آهي. ذريعن موجب، خيبرپختونخواهه مان پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي 14 آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون آهن، جن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. بدلي ڪيل آفيسرن ۾اڪرام الله ڪاڪڙ گريڊ 21، شاهد الله گريڊ 20، شاهه فهد گريڊ 19، ڪيپٽن (رٽائرڊ) زبير خان گريڊ 18، ڪيپٽن (رٽائرڊ) ميان عادل اقبال گريڊ 19، وقار علي گريڊ 18، عنبر علي خان گريڊ 21، ڪيپٽن (رٽائرڊ) ثناءُ الله خان گريڊ 18، سهيل خان گريڊ 20، محمد احتشام الحق گريڊ 18، محمد فهيم گريڊ 18، محمد عثمان گريڊ 19، ڪيپٽن (رٽائرڊ) سرمد سليم اڪرم گريڊ 19، شفيع الله خان گريڊ 19 جا آفيسر شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو