پشاور/ لاهور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي اطلاعات واري وزير شفيع جان الزام لڳايو آهي ته پنجاب پوليس طرفان ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سندس دعويٰ آهي ته ”مريم نواز جا غنڊا“ کيس زبردستي هڪ ٻي گاڏي ۾ منتقل ڪري ويران علائقي ۾ ڇڏي ويا.
صحافين سان ڳالهائيندي شفيع جان الزام لڳايو ته پنجاب پوليس وڏي وزير آفريدي کي سندس سيڪيورٽي عملي کان ڌار ڪري زبردستي ٻي گاڏي ۾ منتقل ڪيو. هن چيو ته، ”جڏهن دٻاءُ وڌيو ته وڏي وزير کي سندس سيڪيورٽي کانسواءِ هڪ ويران علائقي ۾ ڇڏي ڏنو ويو.“ هن وڌيڪ چيو ته ”مريم نواز حڪومت جي پوليس جي غنڊه گردي پنجاب جي روڊن تي جاري آهي.“
اطلاعات واري وزير چيو ته پهريان پختونن خلاف تڪراري بيان ڏنا ويا ۽ هاڻي خيبرپختونخوا جي چونڊيل وڏي وزير کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن خبردار ڪيو ته ”آفريدي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش کي وفاق جي بنيادن تي حملو سمجهيو ويندو.“
شفيع جان صوبي جي چونڊيل وڏي وزير کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش کي آئين، جمهوريت ۽ وفاقي يونٽن جي احترام جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
هن مريم نواز حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هوءَ ان ڳالهه جو جواب ڏئي ته چونڊيل وڏي وزير سان مبينا طور غير آئيني ۽ غير جمهوري ورتاءُ ڇو ڪيو ويو. هن پنجاب حڪومت جي ڪارروائي کي نفرت پيدا ڪرڻ جي هڪ خطرناڪ ڪوشش قرار ڏنو.
ٻئي پاسي بي بي سي اردو جي رپورٽ موجب جڏهن سومر تي قافلي جي صورت ۾ سهيل آفريدي ٺوڪر نيا بيگ لاهور پهتو ته قلم 144 لاڳو هئڻ ڪري روڊ بند هو، هو گاڏي مان لٿو ۽ ساٿين کي چيو ته رڪاوٽون هٽايو، پنجاب پوليس کيس چيو ته اوهانجي حفاظت لاءِ انتظام آهي اوهين وڃو، هن چيو ته اڳ ۾ مهنجو قافلو ويندو بعد ۾ مان ويندس. هو سڙڪ ڪناري ويهي رهيو.
بعد ۾ هو روانو ٿيو ۽ پي ٽي آءِ جي شهيد ڪارڪن اشتياق خان جي گهر تعزيت لاءِ پهتو. هن جي پهچڻ کان اڳ پي ٽي آءِ اڳوان به ڪارڪن جي گهر پهتا ۽ پنجاب اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر معين رياض قريشي چيو ته پنجاب حڪومت جنهن کي چاهي روڪي ٿي وٺي، اسين وڏين رڪاوٽن بعد هتي پهٽا آهيون.
سهيل آفريدي لاهور جي مختلف جاين تي عوام کي خطاب ڪندي 27 اپريل تي اسلام آباد لانگ مارچ ۾ شرڪت جي ترڪيب ڏيندو رهيو. لاهور مال روڊ تي هو ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪندي پوليس جي گاڏي ۾ ويهي رهيو، پوليس وارن هنکي موبائيل مان لهڻ جي درخواست ڪئي پر هو نه لٿو جنهن بعد پوليس وين ۾ کيس لڪشمي چوڪ تي آندو ويو ۽ کيس لاٿو ويو، جنهن بعد هو پنهنجي گاڏي ۾ ويٺو.
سهيل آفريدي ان موقعي تي چيو ته پنجاب پوليس جو رويو اعتراض جوڳو آهي ۽ مريم نواز کي ان تي معافي وٺڻي پوندي، هن چيو ته پنجاب ۾ هڪ وڏي وزير جي بي عزتي ٿي آهي جنهن جو جواب مان هنن کان ضرور وٺندس. هنن کي معافي وٺڻي پوندي، هڪ صوبي جي چونڊيل وڏي وزير سان بدسلوڪي ڪئي وئي آهي ، ڪي پي ڪي سان تعصب ڀريو رويو اختيار ڪيو ويو آهي.
بعد ۾ هن لڪشمي چوڪ تي خطاب ۾ دعويٰ ڪئي ته کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي. هڪ موقعي تي هن چيو ته پنجاب منهنجو آهي، پاڪستان منهنجو آهي ۽ مان هڪ شهري جي حيثيت ۾ هتي آيو آهيان.
گذريل رات اي آر واءِ نيوز جي ۾همد مالڪ جي پروگرام ۾ راڻا ثناءُ الله چيو هو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير اغوا جو ڊرامو پيو ڪري، هو چاهي ٿو ته پنجاب ۾ اهڙو ڪو واقعو ٿئي جنهن سان ملڪ ۾ هنگاما ٿين.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو هو ته ڪنهن به سياسي پارٽي کي روڊ بند ڪرڻ جو اختيار ناهي.










