ڪورنگي، ڊمپر جو بائيڪ کي ٽڪر، ٻار فوت، ڊمپر کي باهه

ڪورنگي، ڊمپر جو بائيڪ کي ٽڪر، ٻار فوت، ڊمپر کي باهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي علائقي ۾ هڪ ڊمپر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويو.ايس ايس پي ڪورنگي موجب، حادثو ڪورنگي نمبر 6 علائقي ۾ پيش آيو، ٻار ڊمپر سان ٽڪرائجڻ سبب فوت ٿي ويو.حادثي کان پوءِ، موقعي تي موجود ماڻهن ڊمپر ڊرائيور کي پڪڙي ورتو. پوليس ڊرائيور کي زخمي حالت ۾ ميڙ مان گرفتار ڪري ورتو.پوليس ترجمان موجب، ٻار جي موت کان پوءِ، موقعي تي موجود ماڻهو ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ احتجاج ڪندي هڪ ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڪاوڙيل ماڻهن ٻئي ڊمپر کي به نقصان پهچايو.

پهنجو تبصرو موڪليو