ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ، يونيورسٽي آف ڪراچي جي پروفيسر عارف ساقي کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ جوابدار ڪونين شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي.پروفيسر عارف ساقي کي موبائيل فون ذريعي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي مالي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ٿي.پوليس عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار خلاف پروفيسر عارف ساقي کي ڌمڪيون ڏيڻ تي سچل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.ڪونين شاهه جي ضمانت منظور ڪندي عدالت کيس 20 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.










