خان جي پٽن جو انٽرويو ميچ وقفي دوران نشر، پي سي بي جو احتجاج

خان جي پٽن جو انٽرويو ميچ وقفي دوران نشر، پي سي بي جو احتجاج

لنڊن )ويب ڊيسڪ) لنڊن ۾ لارڊز ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن تي، انگلش براڊڪاسٽرز اڳوڻي ڪپتان عمران خان جي پٽن جو انٽرويو لنچ بريڪ دوران نشر ڪيو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سرڪاري طور تي ان خلاف احتجاج درج ڪرايو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، پي سي بي سرڪاري طور تي اسڪائي اسپورٽس خلاف انگلش بورڊ کي شڪايت ڪئي آهي.رپورٽن موجب، پي سي بي هن نشريات جي خلاف احتجاج ۾ وقفي کانپوءِ پاڪستاني ٽيم کي فيلڊنگ نه ڪرڻ جي آپشن تي به غور ڪيو هو. ڪجهه دير کان پوءِ، انٽرويو نشر ڪيو ويو.انٽرويو انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجوده اسڪائي اسپورٽس براڊڪاسٽر مائيڪ ايٿرٽن پاران ڪيو ويو، جنهن ۾ عمران خان جي پٽن سليمان ۽ قاسم خان پنهنجي پيءُ جي صحت بابت خدشن جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو