عمران خان  جو اڊيالا جيل ۾ طبي معائنو مڪمل

عمران خان جو اڊيالا جيل ۾ طبي معائنو مڪمل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي آڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جو طبي معائنو مڪمل ٿي ويو آهي.جيل ذريعن موجب، آڊيالا جيل جو دورو ڪندڙ خاص طبي ٽيم رواني ٿي وئي آهي؛ ان ٽيم جي اڳواڻي پمز اسپتال جي ڊاڪٽر عارف خان ڪئي.ذريعن ٻڌايو ته طبي ٽيم جي مدد آڊيالا جيل اسپتال جي طبي عملي ڪئي.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني جو مڪمل طبي معائنو ڪيو ويو، جنهن ۾ بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول جي سطح ۽ اکين جي صحت جو معائنو شامل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو