گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل مهانگو  ٿي ويو

گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽروليم ڊويزن گاسليٽ (ڪيروسين) ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمتن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جيٽ فيول جي قيمت برقرار رکي وئي آهي. اوگرا موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 17.35 رپيا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 12.49 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ، مٽي جي تيل جي قيمت 324.35 رپيا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت 279.55 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي؛ ساڳئي وقت، جيٽ فيول جي قيمت 309.35 رپيا في ليٽر تي برقرار رکي وئي آهي. اهي قيمتون سڀاڻي 14 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو