ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايم 9 موٽر وي، سهراب ڳوٺ، ايم اي جناح روڊ، شاهراهه قائدين ۽ راشد منهاس روڊ تان رڪاوٽون هٽايون ويون آهن.ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ ۽ صدر پارڪنگ پلازا جي روڊن تان ڪنٽينرز مڪمل طور تي نه هٽائڻ سبب ٽريفڪ جي وهڪري متاثر ٿي.ياد رهي ته پي ٽي آءِ کي ڪالهه شاهراهه قائدين تي ريلي ڪرڻ جي اجازت نه ملي هئي، جنهن ڪري ريلي منسوخ ڪئي وئي.










