ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انڊس اسپتال ڪراچيءَ ۾ 38 ورهين جي هڪ مريض ۾ ريبيز جي تصديق ٿي آهي. اسپتال جي ترجمان موجب ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ نعمت الله کي اڍائي مهينا اڳ ڪتي چڪ هنيو هو. هوڏانهن جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ 12 ورهين جي هڪ شڪي مريض کي به آندو ويو آهي، جنهن ۾ ريبيز جون علامتون ظاهر ٿيون آهن.اسپتال ذريعن موجب نينگر کي ريبيز کان بچاءَ واري ويڪسين جو هڪ ڊوز ڏنو ويو آهي. نينگر کي به ٻه مهينا اڳ ڪتي چڪ هنيو هو.










