ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون لانڍي ۾ هڪ گارمينٽ فيڪٽري ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ 16 فائربرگيڊ جون گاڏيون مصروف آهن. باهه سبب دونهين جا ڪڪر پکڙيل آهن، سخت باهه سبب 2 ماڙ عمارت جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ فيڪٽري جو هڪ حصو ڪري پيو آهي، ڪيترن ڪلاڪن کان ريسڪيو جون ڪوششون جاري آهن. باهه وسائيندڙ عملي جو چوڻ آهي ته هي ٽئين درجي جي باهه آهي. فيڪٽري ۾ پراڻن ڪپڙن جو ڍير لڳل هو. واٽر بورڊ جي سي اي او احمد علي صديقي جي هدايت تي لانڍي ۽ شيرپائو هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. انچارج هائيڊرنٽس سيل فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي. سي اي او جو هائيڊرنٽس سيل لاءِ فوڪل پرسن آپريشن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. باهه تي مڪمل ضابطو اچڻ تائين واٽر ٽينڪرن جي فراهمي جاري رهندي. ٻئي پاسي فيڪٽري انتظاميا موجب دونهني سبب 3 ملازم متاثر ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير باهه جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي باهه وسائڻ جو حڪم ڏنو آهي.










