ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاهه فيصل ڪالوني نمبر 5 ۾ اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ۽ ڪار لفٽرن وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران شهر ۾ 19 سالن کان گاڏيون چورائڻ ۾ ملوث جوابدار مارجي ويو.پوليس اختيارين موجب مارجي ويل جوابدار محمد بروهي خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۾ 47 ڪيس داخل هئا، جڏهن ته کيس ماضي ۾ 7 ڀيرا گرفتار پڻ ڪيو ويو هو. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار بين الصوبائي ڪار لفٽر گينگ جو ڪارندو هو، جڏهن ته مقابلي دوران سندس 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار وٽان سعيدآباد ٿاڻي جي حد مان چوري ٿيل ڪار ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب جوابدار گاڏين جي چوري، پوليس مقابلن، هٿيار ۽ منشيات سميت مختلف ڪيسن ۾ ملوث هو، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.










