ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي (جي آءِ) جي 6 ڪارڪنن کي اربع ڏينهن ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪراسنگ تي روڊ بند ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪلن ۽ ٽائرن کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته هي واقعو جماعت اسلامي جي پيٽروليم ليوي خلاف ملڪ گير هڙتال سان گڏ پيش آيو، جنهن بابت پارٽي جو چوڻ هو ته هڙتال پرامن انداز ۾ ڪئي پئي وڃي.
هڪ بيان ۾ پارٽي پاڻ کي موٽر سائيڪلن ۽ ٽائرن کي باهه ڏيڻ واري واقعي کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي الزام لڳايو ته حڪومت سندن احتجاج کي دٻائڻ لاءِ ”سستا حربا“ استعمال ڪري رهي آهي. جماعت اسلامي ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪورنگي ڪراسنگ واري واقعي جا ذميوار ”شرپسند“ هئا.
واقعي سان لاڳاپيل ٻڌايل وڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون هيون، جن ۾ ٻن موٽر سائيڪلن جا سڙيل باقيات ۽ روڊ بند ڪرڻ لاءِ قطار ۾ رکيل سڙندڙ ٽائر نظر اچي رهيا هئا. جڏهن ته ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون سڙندڙ ٽائرن جي چوڌاري رستو ٺاهي رڪاوٽ پار ڪندي نظر آيون.
ڪورنگي جي سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي جي سلسلي ۾ جماعت اسلامي جي ڇهن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي.
هن موجب گرفتار ٿيل پارٽي ڪارڪنن هڪ ڪٻاڙي واري کان ٻه پراڻيون موٽر سائيڪلون ۽ ڪجهه ٽائر ورتا ۽ ”چيو وڃي ٿو ته انهن ٽرئفڪ بند ڪرڻ لاءِ ڪورنگي ڪراسنگ تي انهن کي باهه ڏني“.
هن چيو ته پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچڻ کانپوءِ ”صورتحال تي ضابطو آندو“.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته 6 جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) داخل ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف جماعت اسلامي هڪ بيان ۾ ڪورنگي مان پنهنجي ڪارڪنن جي گرفتاري جو نوٽيس وٺندي سندن فوري آزادي جو مطالبو ڪيو.
پارٽي دعويٰ ڪئي ته واپاري سندن ”جدوجهد“ جي حمايت ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت احتجاج کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.










