ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچيءَ جي علائقي لياقت آباد نمبر 10 ويجهو گهر اندر تيز ڌار واري اوزار جا وار ڪري 30 ورهين جي عورت کي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب مقتولا جي سڃاڻپ سويِرا جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جنهن جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس ٻڌايو ته عورت پنهنجي ٻن ٻارن ۽ ننڍي ڀاءُ سان گڏ رهندي هئي. وارثن موجب واقعي وقت مقتولا جا ٻئي ٻار ويجهي علائقي ۾ پنهنجي نانيءَ جي گهر ويل هئا، جڏهن ته سندس مڙس دبئي ۾ رهائش پذير آهي. پوليس موجب مقتولا جو ننڍو ڀاءُ عبدالله جڏهن گهر پهتو ته سندس ڀيڻ جو لاش پيل هو. عبدالله جي بيان موجب گهر مان چار موبائل فون پڻ گم آهن. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










