اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر) جسٽس حسن اظهر رضوي وفاقي آئيني عدالت جي قائم مقام چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. حلف برداريءَ جي تقريب وفاقي آئيني عدالت ۾ منعقد ٿي، جتي جسٽس عامر فاروق، جسٽس حسن اظهر رضوي کان قائم مقام چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. تقريب ۾ عدالت جي ججن، عدالتي آفيسرن، عملي ۽ قانوني آفيسرن شرڪت ڪئي.










