حڪومت سڀني مسئلن تي بند ڪمري وارو پارليماني اجلاس گهرائي

حڪومت سڀني مسئلن تي بند ڪمري وارو پارليماني اجلاس گهرائي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ گورنر راڄ رد ڪري ڇڏيو، حڪومت کي پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرائڻ جي صلاح، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ 250 ڪارڪنن جون قربانيون ڏنيون آهن.
اهڙو اظهار جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻن ڏينهن بعد پڄاڻي تي پهتل پنهجني جماعت جي شوريٰ جي اجلاس ۾ يل فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي هن ڪيو.
هن چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ حڪومت جو بيانيو بي بنياد آهي. سندس چوڻ آهي ته سندن نظر ۾ ان سڄي عمل جو مقصد صوبي جي معدني وسيلن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي.
مولانا چيو ته سندس جماعت سياسي ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿي ۽ جيڪڏهن حڪومتي پاليسين تي اعتراض هجن ته الزام تراشيءَ بدران سياسي انداز ۾ جواب ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪڏهن کين يا ڪنهن ٻئي ڌر کي شڪايتون آهن ته پارليامينٽ جو بند ڪمري وارو اجلاس گهرائي انهن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.
مولانا فضل الرحمان خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ کي رد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ اقتدار جي تبديلي آڻڻ يا حڪومت ختم ڪرڻ جا فيصلا طاقت بدران آئين موجب ٿيڻ گهرجن.
هن سوال ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي دور ۾ به گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو، ڇا ان وقت ان کي قبول ڪيو ويو هو؟ سندس چوڻ هو ته صدر اطمينان حاصل ڪرڻ کان سواءِ صحيحون ڪري آئيني تقاضائن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته گورنر ڪائونسل جي جوڙجڪ ۾ سندس جماعت جو ڪو به ميمبر شامل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو ڪو جائز سبب موجود ناهي.
هن چيو ته مسلم ليگ (ن)جي حڪومت ئي اڳوڻن وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) کي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪيو هو، پر اڄ ساڳي جماعت اڳوڻي فاٽا کي ٻيهر وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.
مولانا فضل الرحمان موجب، قبائلي علائقن بابت اڳ ۾ ڪيل فيصلا ۽ هاڻوڪيون ڳالهيون هڪ ٻئي سان تضاد رکن ٿيون. هن چيو ته قبائلي اڳواڻن به اڳوڻي حيثيت بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته سندن جماعت جون اڳوڻيون تجويزون درست ثابت ٿيون آهن.
هن چيو ته حڪومت کي پارليامينٽ جو بند ڪمري وارو اجلاس گهرائي سمورن معاملن تي وضاحت ڪرڻ گهرجي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته عالمي سطح تي وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن ۽ آمريڪا جي هڪ قطبي عالمي نظام جي خاتمي سان گڏ چين ۽ ايشيا معاشي مرڪز بڻجي رهيا آهن.
هن چيو ته بدلجندڙ عالمي صورتحال تي سنجيده ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ اسلامي ملڪن کي به پنهنجو مضبوط اتحاد قائم ڪرڻ گهرجي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته حوثين جا تازا حملا اسلامي ملڪن جي اتحاد جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن. هن ايران تي زور ڏنو ته بدگمانيون پيدا ڪندڙ سبب ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
هن چيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم (آسيان) جي پليٽفارم کي به سرگرم بڻائڻ گهرجي.
جي يو آءِ سربراهه چيو ته جڏهن ڀارت جارحيت ڪئي ته پاڪستاني فوج جواب ڏنو ۽ سندن جماعت ان جي حمايت ڪئي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن فوج جو چوڻ آهي ته اها دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ته پوءِ اهو به ٻڌايو وڃي ته جي يو آءِ ان جنگ ۾ پنهنجا 250 ڪارڪن شهيد ڪرايا آهن.
هن چيو ته سندن جماعت هميشه بندوق جي سياست جي مخالفت ڪئي آهي. پرويز مشرف جي دور ۾ نوجوانن کي اشتعال ڏياريو ويو، پر جي يو آءِ ديني مدرسن ۽ مذهبي طبقي کي رياست سان گڏ بيهاريو.
سندس چوڻ هو ته پاليسي ٺاهڻ جو اختيار سندن هٿ ۾ نه رهيو آهي، تنهنڪري پاليسي ٺاهيندڙن کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ نتيجن بابت به ٻڌائڻ گهرجي.
هن چيو ته ميان نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري اڳ به ذاتي حيثيت ۾ قابل احترام هئا ۽ اڄ به آهن.
جي يو آءِ سربراهه موجب، آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ڪولن پاول چيو هو ته فاٽا ۾ فوج موڪلڻ سندن مطالبو هو. هن دعويٰ ڪئي ته هاڻي آمريڪي قونصل جنرل به معدني وسيلن بابت اهڙيون ئي ڳالهيون ڪري رهي آهي.
”اسان کي حب الوطنيءَ جا سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي“
مولانا فضل الرحمان چيو ته ڳجهي نموني ڪيل ڳالهيون به آخرڪار سامهون اچي وينديون آهن، پر جڏهن هو ڪنهن معاملي تي ڳالهائين ٿا ته سندن ڪردار ڪشي ڪئي وڃي ٿي.
هن واضح ڪيو ته کين ڪنهن کان به حب الوطنيءَ جا سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي، مشين گن جي زور تي وطن سان محبت ڪرڻ نه سيکاري وڃي.
مولانا فضل الرحمان الزام لڳايو ته جيڪي ماڻهو سياست ۾ حصو نه وٺڻ جو حلف کڻن ٿا، اهي ئي سموري سياست کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن.
هن خبردار ڪيو ته بنا ڪنهن سبب جي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جا رستا نه کوليا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو