مير رضا ڪيس: جوڊيشل ڪميشن جي مدت ختم

مير رضا ڪيس: جوڊيشل ڪميشن جي مدت ختم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان مير رضا علي جي قتل ڪيس جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ لاءِ قائم ڪيل جوڊيشل ڪميشن جي مدت ختم ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪميشن جي مدي ۾ واڌ بابت سنڌ جي گهرو کاتي طرفان اڃا تائين ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن شاهدن جا بيان مڪمل ڪرڻ ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ 15 آڪٽوبر تائين مدي ۾ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، پر گهرو کاتي طرفان ڪميشن جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن اڃا جاري نه ڪيو ويو آهي.جوڊيشل ڪميشن جي قيام جو نوٽيفڪيشن 24 آگسٽ تي جاري ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪميشن 27 آگسٽ کان باقاعده ڪم شروع ڪيو هو.سنڌ جي گهرو کاتي طرفان ڪميشن کي هڪ مهيني اندر ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب ڪميشن اڄ ٻن شاهدن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري رکيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جوڊيشل ڪميشن جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهندا، جنهن سان ڪميشن جي جاچ ۽ رپورٽ جي تياري جو عمل متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.هوڏانهن مير رضا جي وارثن طرفان اعليٰ پوليس آفيسرن کان به مختلف سوالن جا جواب طلب ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو