ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ جي خاص هدايت تي اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ پاران صحافي برادريءَ کي درپيش مسئلن جي ترت حل ۽ کين سهولتن جي فراهميءَ لاءِ ”جرنلسٽس فيسيليٽيشن ڊيسڪ“ (Journalists Facilitation Desk) قائم ڪيو ويو آهي.اطلاعات کاتي حڪومت سنڌ موجب جرنلسٽس فيسيليٽيشن ڊيسڪ جي قيام جو مقصد صحافين، پريس ڪلبن ۽ ميڊيا پرسنز کي مختلف معاملن جي حوالي سان سهولت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي.تمام معزز صحافي حضرات، پريس ڪلبن ۽ ميڊيا پرسنز پنهنجي درپيش مسئلن سميت ايڪريڊيٽيشن ڪارڊن کي جاري ڪرڻ، مالي سهائتا، طبي صورتحال، پريس ڪلبن سان لاڳاپيل معاملن ۽ ٻين فلاحي معاملن جي ترت حل لاءِ جرنلسٽس فيسيليٽيشن ڊيسڪ سان رابطو ڪري سگهن ٿا.










