ڪراچي (رپورٽر) شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ صحافي شاهد اعواڻ ڪراچي جي ڪڊني سينٽر ۾ علاج هيٺ آهي، جتي سندس مسلسل علاج ۽ ڊائلاسز جاري آهي. علاج ۽ ڊائلاسز جا وڌندڙ خرچ برداشت ڪرڻ ڏکيا ٿيڻ سبب سندس خاندان کي سخت مالي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
شاهد اعواڻ شهدادڪوٽ ۾ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ ڊيڪوريشن جي ڪاروبار سان پڻ لاڳاپيل آهي، جڏهن ته هو سماجي سرگرمين ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو چئن ٻارن جو والد آهي.
سندس خاندان ۽ صحافتي حلقن حڪومت، صحافتي تنظيمن، مخير حضرات ۽ صاحبِ حيثيت ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته صحافي شاهد اعواڻ جي علاج ۽ ڊائلاسز جي خرچن لاءِ فوري مالي سهائتا ڪئي وڃي، جيئن سندس علاج بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهي سگهي.










