خانپورمهر (رپورٽر آفتاب سيال )خانپورمهر جي سينئر صحافي عظیم سيال جي بازيابي لاءِ صحافين، سياسي سماجي ڌرين توڙي ھندو پئنچائت پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا خانپورمهر جي صحافين سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين سائل قاضي، ڪامريڊ دودو مهر ،محمد خان شر ،آڪاش مهر ،نواب ميراڻي، ميهر مهر ،قاضي خادم، آزاد مهر، شھزادو لاڙڪ، خان محمد پتافي، آفتاب سيال، شبير سيال، شاد مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو هوڏانهن ھندو پنچائت خانپورمهر طرفان مکي چندر بان، سورج لال، هريش ڪانيا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهرين چيو ته 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي هن مهل تائين پوليس خانپورمهر جي سينيئر صحافي عظيم سيال کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي هنن چيو ته مغوي صحافي جي بازيابي لاءِ پوليس رڳو ٺلها اسرا ڏيئي رهي آهي ته 24 ڪلاڪن اندر صحافي عظيم سيال کي بازياب ڪرايو ويندو پر هن وقت تائين بازيابي عمل ۾ نه آئي آهي اڳواڻن چيو ته ڌاڙيل ڪچي کان پڪي تائين ڪيئن پهتا هنن جي سهولتڪاري ڪنهن ڪئي خانپورمهر پوليس اهو به پتو ناهي لڳائي سگهي ڌاڙيل ديدا دليري سان سينئر صحافي عظيم سيال کي گهر ويندي اغوا ڪري ويا آهن مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور سينئر صحافي عظيم سيال کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو










