خانپور مهر/ ڪراچي (ن س )ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل صحافي عظيم سيال بازياب ٿي ويو.وارثن موجب ڌاڙيل صحافي عظيم سيال کي شڪارپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڇڏي ويا، جنهن جي بازيابي جي وارثن تصديق ڪري ڇڏي آهي. سنڌ پوليس جي بروقت ڪارروائي ۾ گھوٽڪي مان اغوا ٿيل نجي ٽي وي رپورٽر عظيم سيال کي بحفاظت بازياب ڪرايو ويو.آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ڊي آءِ جيز سکر ۽ لاڙڪاڻي، ايس ايس پيز گھوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور سميت پوليس ٽيم کي ڪامياب آپريشن تي شاباش ڏني.آءِ جي سنڌ چيو ته صحافي جي بازيابي پوليس جي مؤثر حڪمت عملي، پيشوراڻي صلاحيت ۽ مسلسل محنت جو نتيجو آهي. سنڌ پوليس شهرين، خاص طور صحافي برادري جي تحفظ لاءِ ذميواريون پوريون ڪندي رهندي.










