خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي جي منظوري

خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري صدارتي فرمان جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته ووٽنگ دوران اپوزيشن احتجاج ڪندي آئيني پاسداري ۽ ذميواريون بنا خوف ۽ دٻاءَ جي ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وفاقي وزير پاران پيش ڪيل تحريڪ جي حق ۾ 214 ووٽ پيا، جڏهن ته مخالفت ۾ 56 ووٽ ڏنا ويا. اهڙيءَ ريت تحريڪ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي. اجلاس دوران خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي نفاذ واري تحريڪ تي ووٽنگ وقت اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪيو، جنهن تي اسپيڪر اياز صادق ووٽن جي ڳڻپ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. ان موقعي تي بيرسٽر گوهر چيو ته ايوان ۾ آئين جي پاسداري ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن خوف يا دٻاءَ جي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ سندن فرض آهي. اجلاس جي شروعات ۾ پشاور جي خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته فوت ٿيل ٻارڙن جي مغفرت لاءِ دعا ۽ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.

تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو حڪومت سان ڳالھيون ختم ڪرڻ جو اعلان
تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان حڪومت سان هر قسم جا ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ رابطا وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. اعلاميي موجب، تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان جو سربراهي اجلاس محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ علامه راجا ناصر عباس، اختر مينگل ۽ بيرسٽر گوهر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سلمان اڪرم راجا، صاحبزاده حسن رضا، سيد زين شاهه ۽ مشتاق احمد خان پڻ شريڪ ٿيا. اجلاس دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عمليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مشاورت کانپوءِ حڪومت سان هر قسم جا مذاڪرات بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

معاھدي تي صحيحون ٿين ھا تھ باني کي سموريون سھولتون يقيني بڻائڻ ۾ اسان ساٿ ڏيون ھا: شيري رحمان
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته دهشتگردي ريڊ لائن آهي ۽ ڪنهن به صوبي لاءِ الڳ پرڏيهي پاليسي هلائڻ ممڪن ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ گڏيل طور تي وڙھڻي پوندي.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ڳالهين کي ترجيح ڏني وئي، جڏهن ته بئرسٽر گوهر ڳالهين ۾ سنجيده هئا ۽ پيپلز پارٽي سندن جذبي جي قدر ڪري ٿي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ لاءِ پنهنجن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو رت ڏنو آهي ۽ تاريخ جي زخمن مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ٿو ته پيپلز پارٽي آئين کان مٿانهين ڪنهن قدم جي حمايت ڪري رهي آهي ته اها غلط فهمي آهي، ڇو ته پيپلز پارٽي آئين ٺاهيندڙ ۽ ان جي قدر ڪندڙ جماعت آهي. شيري رحمان چيو ته باني پي ٽي آءِ جي دور ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي ماڻهن کي واپس آندو ويو، هاڻي ملڪ ۾ رياستي عملداري بحال ڪرڻ ضروري آهي. دهشتگردي خلاف جنگ رياست جي سطح تي گڏجي وڙهڻ ۽ ملڪ جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته ڳالهين دوران اپوزيشن جا ڪيترائي مطالبا تسليم ڪيا ويا هئا ۽ اپوزيشن پنهنجا گهڻا مطالبا مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي هئي. جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿين ها ته پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جو ڪردار وڌيڪ اثرائتو بڻجي ها، پر اپوزيشن پاڻ ڳالهين جي عمل کان الڳ ٿي وئي. شيري رحمان وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ ۽ احتجاجي سياست مسئلن جو حل ناهي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي مفاد کي اوليت ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته قومي سانحن جو مقابلو اتحاد ۽ يڪجهتي سان ئي ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته دهشتگردي کان متاثر ضلعن جي عوام جون مشڪلاتون پڻ سمجهڻيون پونديون. هن چيو ته ڪنهن هڪ فرد بدران رياست ۽ عوامي مفاد کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ ملڪ کي درپيش مسئلن لاءِ قومي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي. شيري رحمان چيو ته ”سوچيو، معاهدو ڪرڻ کانسواءِ توهان ڪهڙي بند گهٽي ۾ وڃي پهتا آهيو؟ جيڪڏهن معاهدي تي صحيحون ٿين ها ته باني پي ٽي آءِ لاءِ سموريون سهولتون يقيني بڻائڻ ۾ اسان ساٿ ڏيون ها.“ هن وڌيڪ چيو ته کين حب الوطني جو درس ڏيڻ جي ضرورت ناهي، رانا ثناءُ الله کي جيل ۾ وڌو ويو ته به ڪو هنگامو نه ڪيو ويو ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري وقت به لانگ مارچ نه ڪيو ويو.

آخري وقت تائين ڪوشش رهي ته ايمرجنسي لاڳو نه ٿئي، سهيل آفريدي سهڪار لاءِ تيار نه هو: محسن نقوي
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آخري وقت تائين ڪوشش ڪئي وئي ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو نه ڪرڻي پوي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، پر وڏي وزير سهيل آفريدي جو رويو سهڪار وارو نه هو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته وڏي وزير ڪنهن به آپريشن دوران فوج سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار نه هو ۽ سندس چوڻ هو ته هو سياسي طور تي ائين ڪرڻ جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن اها سوچ هوندي ته فوج سان گڏ بيهڻ سياسي طور تي برداشت نٿو ڪري سگهجي ته پوءِ دهشتگردي خلاف ڪارروايون ڪيئن اڳتي وڌنديون؟ اسان هر ڀيري پاڻ اڳڀرائي ڪئي ۽ ڳالهيون ڪيون، پر ڳالهين تان اٿي اسان نه، پر ٻيو ڌر وئي هئي.

6 مهينن کانپوءِ گورنر راڄ ۾ واڌ تي غور ٿي سگهي ٿو: خواجا آصف
دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته هن وقت خيبرپختونخوا ۾ 6 مهينن لاءِ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ 2، 3 يا 6 مهينن لاءِ ان ۾ واڌ ڪرڻ بابت ٻيهر غور ڪري سگهجي ٿو.پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته هيل تائين خيبرپختونخوا ۾ احتجاج جا ڪي به آثار نظر نه آيا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته صوبي ۾ مبينا طور ڦرلٽ ڪندڙ ماڻهو هاڻي منظر تان غائب ٿي ويا آهن.

پي ٽي آءِ ۾ هڪ مافيا آهي، ميرٽ جي لتاڙ ٿئي ٿي: شير افضل مروت
قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۾ هڪ اهڙو گروهه موجود آهي، جيڪو ميرٽ جي لتاڙ ڪري پنهنجي ماڻهن کي اڳتي آڻي ٿو. پارليامينٽ ٻاهران جيو نيوز سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ گذريل ٻن ٽن ڏينهن دوران عوام خاموش رهي ردعمل ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته اها خاموشي انهن ماڻهن لاءِ جواب آهي، جيڪي لکين ماڻهن جي روڊن تي نڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيا هئا. هن چيو ته ان جو سبب اهو آهي ته پنهنجي حڪومت جو ڪڏهن به احتساب نه ڪيو ويو. سندس الزام هو ته نفرت، ڪوڙ، پروپيگنڊا ۽ گارين کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، جڏهن ته پارٽي اندر هڪ گروهه ميرٽ کي نظرانداز ڪري پنهنجن ماڻهن کي نوازيندو آهي. شير افضل مروت وڌيڪ چيو ته اهي ماڻهو سازشن ۽ گلا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نٿا ڪن. هن دعويٰ ڪئي ته ٻن مهينن کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ علي امين جو راڄ هوندو. سندس چوڻ هو ته ان وقت هو روڊن تي نڪرندو ۽ کيس پارٽي مان ڪڍڻ وارا ئي کيس واپس اچڻ جي درخواست ڪندا.

فيبروري کانپوءِ سهيل آفريدي ڪنهن شهيد جي جنازي ۾ نه ويو: محسن نقوي
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي الزام هنيو آهي ته فيبروري کانپوءِ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪنهن به شهيد جي جنازي ۾ شريڪ نه ٿيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ڀرپور ڪوشش هئي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخوا حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي گڏجي مقابلو ڪيو وڃي. محسن نقوي موجب، فيبروري ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ به وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي، جڏهن ته اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ دهشتگردي جي مذمت نه ڪئي وئي.هن چيو ته ڳالهين دوران دهشتگردي خلاف موقف اختيار ڪيو ويو، پر اسد قيصر جي بيان ۽ صوبائي حڪومت جي موقف ۾ فرق هو. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته هن ذاتي طور تي ڪيترائي ڀيرا سهيل آفريدي سان ملاقات ڪئي ۽ گڏجي پنجن ضلعن ۾ پوليس کي مضبوط ڪرڻ جو منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته وڏي وزير کي قيادت ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پر هو ان لاءِ تيار نه هو.

اپوزيشن پاڻ ڳالهين واري عمل کان ڌار ٿي، ٻاهرين اثر رسوخ سبب ڳالهيون متاثر ٿيون: شيري رحمان
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ڳالهين کي ترجيح ڏني وئي هئي، جڏهن ته بئريسٽر گوهر به ڳالهين جي معاملي ۾ سنجيده هو.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته اپوزيشن پنهنجا گهڻا مطالبا مڃرائي چڪي هئي، پر ان پاڻ کي ڳالهين واري عمل کان ڌار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته لانگ مارچ ۽ احتجاجي سياست مسئلن جو حل ناهن، جڏهن ته ٻاهرين اثر رسوخ سبب ڳالهين وارو عمل متاثر ٿيو. شيري رحمان اپوزيشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سوچيو ته معاهدي ڪرڻ کانسواءِ اوهان ڪهڙي بند گهٽيءَ ۾ وڃي ڦاٿا آهيو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن معاهدي تي صحيحون ٿي وڃن ها ته هو بانيءَ کي سموريون سهولتون يقيني بڻائڻ لاءِ ساٿ ڏين ها. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي جي اڌ صوبي ۾ صبح جو پي ٽي آءِ ۽ شام جو دهشتگردن جي حڪومت هجي، اهو قبول ناهي. شيري رحمان چيو ته محترمه جي شهادت ان لاءِ نه ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو