جمائما جي 62 سالن جي ڪيمرون سان ٻئي شادي

جمائما جي 62 سالن جي ڪيمرون سان ٻئي شادي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي، برطانيا جي اخبار دي ڊيلي ميل سومر ڏينهن پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو.
اخبار موجب 52 سالن جي جمائما آچر ڏينهن 62 ورهين جي ڪيمرون او ريلي سان شادي ڪئي. ڪيمرون او ريلي آئرش-آسٽريلوي مالياتي ماهر ۽ واپاري آهي.
اخبار مئي ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ٻنهي جي هڪ سال تائين هلندڙ محبت واري رشتي کان پوءِ مڱڻي ٿي هئي.
جمائما جي ڀاءُ بين گولڊ سمٿ به شادي جي خبر جي تصديق ڪئي.
سندس گهرواري جميما جونز انسٽاگرام تي شادي جي هڪ تصوير شيئر ڪندي لکيو: ”جمائما ۽ ڪيمرون جي شادي جي خوشي ملهائي رهيا آهيون، منهنجي پسنديده ساٿي سان گڏ، ڇا ته خوشيءَ جو ڏينهن آهي!“
دي ڊيلي ميل موجب، ٻنهي جي ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن او ريلي ڪيترين ئي دستاويزي فلمن ۽ فلمن ۾ ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو هو.
جمائما پڻ ڪيتريون ئي فلمون تيار ڪيون آهن، جن ۾ ”وَاٽس لو، گيٽ ٽو ڊو وِد اِٽ“ به شامل آهي. جمائما هن فلم کي ”پاڪستان لاءِ منهنجو محبت نامو“ قرار ڏنو هو.
او ريلي جا اڳوڻن رشتن مان چار ٻار آهن، جڏهن ته جمائما جا عمران خان مان ٻه پٽ، قاسم ۽ سليمان آهن. جمائما ۽ عمران خان جي شادي 1995ع ۾ ٿي هئي ۽ ٻنهي جي شادي لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي تائين قائم رهي.
جمائما پنهنجي اڳوڻي مڙس عمران خان جي آزادي لاءِ مسلسل مهم هلائيندي رهي آهي. عمران خان مختلف ڪيسن ۾ جيل ۾ آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته اهي ڪيس سياسي بنيادن تي قائم ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو