شڪارپور(ن س )خانپور ڪچي ۾ پوليس جو ڏوهاري سعد خاناني جتوئي گينگ خلاف آپريشن جاري، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ڌاڙيل زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڪليم ملڪ موجب مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ شاهه بيگ خاناني جتوئي طور ٿي آهي، جيڪو قتل ۽ پوليس مقابلن سميت 12 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو. هن چيو ته آپريشن دوران 10 کان وڌيڪ ڌاڙيل زخمي ٿيا، جڏهن ته سرچ آپريشن دوران ڪجهه شڪي ماڻهن کي پڻ حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس کي مارجي ويل ڌاڙيل جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ ملي ويو آهي. ايس ايس پي ڪليم ملڪ موجب گذريل 6 مهينن دوران جاري آپريشن ۾ هن وقت تائين 25 کان وڌيڪ ڌاڙيل مارجي چڪا آهن، جڏهن ته سوين ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪارروايون جاري آهن.










