ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪومت کان هڪ دفعو ٻيهر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي يقين ڏيارڻ تي لانگ مارچ ۾ وقفو ڏنو، احتجاج تان هٿ ناهي کنيو. وزيراعظم پاڪستان پهچندو ته انهي سان ڳالهيون ٿينديون، پيٽروليم شين تي رليف ڏيڻو آهي ته ڏيو ٻئي صورت ۾ اسان لانگ مارچ جاري رکنداسين.هن چيو ته اسان جنهن جڳهه تي بيٺل آهيون اتان کان پوئتي نه هٽنداسين اسان جي پرامن احتجاج کي حڪومت ڪمزور نه سمجهي، لانگ مارچ ملتوي ڪيو آهي نه وري ختم ڪيو آهي، حڪومت سان ڳالهين جي باوجود جماعت اسلامي پنهنجي موقف کان پوئتي نه هٽندي. وزيراعظم طرفان رابطه ۽ اڳڀرائي کان پوءِ آئنده جي لائحه عمل جو فيصلو ڪيو ويندو.هڪ سوال جي جواب ۾ جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ گهرجي، عورت سياسي قيدين جي گرفتاري ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، حڪومت عورت سياسي قيدين کي فوري طور تي آزاد ڪري، 9 مئي کان پوءِ قيد سياسي اڳواڻن کي به آزاد ڪيو وڃي. ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، شاهه محمود قريشي ۽ محمودالرشيد کي وڌيڪ قيد رکڻ جو ڪوبه جواز نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته سياسي قيدين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي صحت به خراب آهي، حڪومت مسئلي کي فوري حل ڪري، حڪومت سياسي قيدين جي معاملي کي ايڊريس ڪري حالتون معمول تي آڻي. حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته قوم کي اهڙي سياست ۾ منجهايو پيو وڃي جنهن جو عوام کي ڪوبه فائدو نه آهي، سياسي ڇڪتاڻ سبب عوام جي اصل مسئلن تان ڌيان هٽايو پيو وڃي. جماعت اسلامي صرف مخصوص سياسي پارٽين جي مطالبن تائين محدود نه آهي. پي ٽي آءِ جون پنهنجون 3 ڊيمانڊز آهن. جماعت اسلامي سمورن سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿي.










