خوشي ٿيندي ته عمران خان آزاد ٿي وڃي: شرجيل ميمڻ

خوشي ٿيندي ته عمران خان آزاد ٿي وڃي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لانگ مارچ سان استحڪام نٿو اچي سگهي، اسان کي خوشي ٿيندي ته عمران خان آزاد ٿي وڃي.ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه آزاد صحافت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، صحافين جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ ڪم پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪيو آهي، صحافي ۽ سياسي پارٽي هڪ ئي گاڏي جا ڦيٿا آهن.هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه فراخدلي جو مظاهرو ڪيو، تنقيد برداشت ڪئي، پيپلز پارٽي جي حڪومت گذريل 18 سالن کان بهترين ڪم ڪيا آهن جنهن سان عوام کي تمام گهڻيون سهولتون مليون آهن. هن چيو ته سنڌ وزن جي حوالي سان بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏئي چڪا آهيون، نومبر ۾ اطلاعات کاتو سکر ۽ ٿرپارڪر ۾ سنڌ وزن تي ڪانفرنس ڪرائڻ چاهي ٿو جنهن ۾ سموري پاڪستان سميت پرڏيهي صحافين کي گهرايو ويندو.شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ وزن ۾ سنڌ حڪومت جا ڪم ڏيکارينداسين، اسان اهڙا ڪم ڪيا آهن جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڀرپور موٽ ملي آهي، صحت جا ادارا، هائوسنگ اسڪيمون ۽ پبلڪ پرائيويٽ منصوبا سڄي دنيا ۾ تعريف جوڳا آهن. هائوسنگ سيڪٽر ۾ دنيا ۾ اسان جو وڏو منصوبو هلي رهيو آهي. مينگروز ۾ گرين ورلڊ بڪ ۾ سنڌ حڪومت جو نالو آيو آهي. سکر ۽ ٿرپارڪر ۾ 2 تقريبون ٿينديون جنهن ۾ ڪراچي پريس ڪلب به شامل هوندو، اهو پروگرام سنڌ جو اطلاعات کاتو هوندو.شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد چين ويندو، 15 آڪٽوبر تي شنگهائي ۾ سرمائيڪار ڪانفرنس ٿيندي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندي. هن چيو ته عالمي سرمائيڪار سنڌ ۾ سرمائيڪاري ڪندا انهي سان سنڌ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته سياسي ۽ معاشي استحڪام پاڪستان جي لاءِ ضروري آهي. اسان کي صحافت کي مضبوط ڪرڻو آهي. گذريل ڪجهه سالن ۾ ٽرانسپورٽ جون سهولتون مليون آهن. يونيورسٽي روڊ تي هڪ وڏي تنقيد هئي، مون انهي ڏينهن به چيو هو ته 2 مهينن کان پوءِ کوليو ويندو، اهو هڪ ايونٽ هو اهو سنڌ حڪومت جو ايونٽ نه هو. انهن شاميانه لڳايا ڪرسيون لڳايون ۽ ريڊ ڪارپٽ جو ٽڪڙو به انهن ئي وڇايو هو، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون پکيڙيون ويون، يونيورسٽي روڊ هاڻ ٽريفڪ لاءِ آزار نه بڻجندو، سائيڊ جا روڊ بڻجندا.شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ هزار بسون اسان جي پائپ لائن ۾ آهن، جڏهن ته هڪ سئو بسون اچي رهيون آهن اهو نه رڪجندڙ سلسلو آهي،شهرين کي بهترين ٽرانسپورٽ فراهم ڪنداسين. هن چيو ته لانگ مارچ سان استحڪام نه ايندو. لانگ مارچ عمران خان جي آزادي لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان مهانگائي جي خلاف 9 ڏينهن مارچ ڪيو، هڪ جڳهه به پٿر نه لڳو ۽ هڪ جڳهه تي به روڊ بند نه ٿيو. هتي لانگ مارچ سان گڏ ڏنڊا به کنيا ويندا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته اسان وفاقي حڪومت نه آهيون، وفاقي حڪومت انهن سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪري، سياسي ڪارڪن تشدد نٿو ڪري، اسان کي خوشي ٿيندي ته عمران خان آزاد ٿي وڃي انهي کي ڪنهن بيڪ ڊور سهاري جو سهارو نه وٺڻ گهرجي، هٿيار کڻڻ ۽ باهيون ڏيڻ کي سياست نٿو چئي سگهجي.سنڌ حڪومت جي صوبن بابت موقف تي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو صوبن تي موقف واضح آهي. سنڌ اسيمبلي قرارداد منظور ڪري چڪي آهي، سنڌ اسيمبلي صوبن جي خلاف قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، آئين جي تحت صوبو بڻجندو ته سنڌ اسيمبلي مان بڻجندو.هن چيو ته وفاقي وزيرن جي بيانن تي ڪنهن کي به پريشان نه ٿيڻ گهرجي. محسن نقوي ۽ صدر جي باري ۾ افواهن تي ٻڌل خبرون هلي رهيون آهن، غلط خبر هلڻ سان سڄي فيملي متاثر ٿيندي. خبر بيشڪ هلايو ڪنهن جي خواهشن تي خبر نه هلڻ گهرجي. شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڪوبه بي بنياد خبرون هلائي رهيو آهي ته پريس ڪلب ۽ صحافين جي يونين ڪارروائي ڪري، ڪوڙيون خبرون هلائڻ تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو