صوبن وارو بحث اسيمبلي ۾ ڪرائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي

صوبن وارو بحث اسيمبلي ۾ ڪرائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي

بدين (رپورٽ: مرتضيٰ ميمڻ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ ۽ سنڌ کي ٽن يونٽن ۾ ورهائڻ بابت سنڌ اسيمبلي ۾ بحث ڪرائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن نون صوبن بابت بحث وزيراعظم، قومي اسيمبلي، سينيٽ يا پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اسيمبلين ۾ به ٿئي ها ته سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي بحث کي ڪنهن حد تائين مناسب قرار ڏئي سگهجي ها بدين ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته هڪ اهڙي شخص طرفان ميڊيا تي اچي ملڪ جو نظام ڪوليپس ٿيڻ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ بابت ڳالهيون ڪرڻ، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ ان معاملي تي بحث ڪرايو وڃي، ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو ھن چيو ته صدرِ پاڪستان جي حوالي سان اها ڳالهه به سامهون آئي ته سندس ٻه پٽ آهن، هڪ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيو محسن نقوي؛ هڪ طرف سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته ٻئي طرف سنڌ کي ماءُ قرار ڏئي ان جي ورهاڱي خلاف نعرا هنيا وڃن ٿا. هن چيو ته ساڳئي پارٽي جي سنڌ صدر طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي ورهاڱي بابت بحث جي درخواست ڏيڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير طرفان ان تي تقرير ڪرڻ، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن، عورت ميمبرن سميت، ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جا نعرا هڻڻ، عوام لاءِ هڪ ڊرامي کان گهٽ ناهي راشد محمود سومرو الزام هنيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ اهو سڄو معاملو عوام جي ڌيان کي اصل مسئلن تان هٽائڻ ۽ گذريل 18 سالن دوران ڪيل مبينا نااهلين ۽ ڪرپشن تان پردو وجهڻ جي ڪوشش هئي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو اهڙين حرڪتن کي نه معاف ڪندا ۽ نه ئي وساريندا ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ فريال ٽالپر جو اهو چوڻ ته ”سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪنداسين ته بينظير ڀٽو کي ڪھڙو منهن ڏيکارينداسين“ افسوسناڪ آهي. سندس چوڻ هو ته حڪمرانن کي الله آڏو جوابدهي جي به فڪر ڪرڻ گهرجي. هن الزام هنيو ته سنڌ ۾ اسپتالن جي دوائن ۽ بجيٽن ۾ مبينا ڪرپشن، نوڪرين جي وڪري ۽ پوليس آفيسرن جي مقررين ۾ رشوت جا الزام عام آهن، جڏهن ته سنڌ جا لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ صوبي ۾ منشيات جو مسئلو سنگين ٿي چڪو آهي جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن تي الزام لڳائيندي چيو ته سنڌ جا حڪمران صوبي جي وسيلن ۽ ٻيٽن کي وڪڻڻ، ڪرپشن ۽ ڏوهاري عنصرن جي سرپرستي جا ذميوار آهن. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ بحث جو مقصد عوام کي اصل مسئلن کان پري رکڻ هو، پر سنڌ جا ماڻهو انهن مبينا گناهن کي نه وساريندا ھن دعويٰ ڪئي ته 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن ۾ سنڌ جي عوام بلاول ڀٽو زرداري جي ڪارڪردگي کي رد ڪيو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ به عوام حڪمرانن کي رد ڪندو. هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ چونڊن ۾ به ڌانڌلي يا چونڊون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جي يو آءِ سخت مزاحمت ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته ”جيڪڏهن چونڊون چوري ڪيون ويون ته ڪراچي پورٽ ۽ سنڌ-پنجاب بارڊر بند ڪرڻ تائين جو قدم کنيو ويندو.“ هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ آئين ۽ قانون جي رستي تي هلندي، ضرورت پوڻ تي پنج سال به جدوجهد جاري رکندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ملڪ ۾ جتي به قدرتي وسيلا موجود آهن، اتي ئي مسئلا پڻ موجود آهن. هن سوال ڪيو ته بدين، سجاول ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس ڪٿي وڃي رهيا آهن، ٿر مان پيدا ٿيندڙ بجلي ڪٿي موڪلي وڃي ٿي ۽ سنڌ کان بلوچستان تائين جبلن مان نڪرندڙ معدنيات مان عوام کي ڪهڙو فائدو ملي رهيو آهي ھن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ جي جبلن ۾ موجود معدنيات جو ذڪر آمريڪي صدر تائين ڪري چڪو آهي، ڇا سنڌ جي حڪمرانن کي پنهنجي صوبي جي قدرتي وسيلن جي خبر ناهي ھن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ۾ بدامني، هٿيارن ۽ خونريزي سان گڏ نون صوبن جي بحث کي به عالمي سازش جو حصو بڻايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ملڪ جي قدرتي وسيلن کي عالمي سامراجي طاقتن جي حوالي ڪرڻ آهي. هن چيو ته جي يو آءِ جو موقف واضح آهي ته قدرتي وسيلا جن علائقن مان حاصل ٿين ٿا، انهن علائقن جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي تي خرچ ٿيڻ گهرجن مولانا راشد محمود سومرو صحافين کي ٻڌايو ته جي يو آءِ سنڌ جي موجوده صورتحال، امن امان جي خراب حالت، مبينا ڪرپشن، اسٽريٽ ڪرائم، ڌاڙيل ڪلچر، قبائلي تڪرارن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف هڪ وڏو عوامي اجتماع منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ھن چيو ته 19، 20 ۽ 21 مارچ 2027ع تي سکر ۾ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو اجتماع منعقد ڪرڻ جو ارادو آهي، جنهن ۾ 50 لک ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اجتماع ۾ سعودي عرب کان آمريڪا ۽ آفريڪا کان جاپان، ڪينيڊا ۽ جرمني تائين مختلف ملڪن جا وفد پڻ شرڪت ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو