وفاق جي تعاون کان سواءِ صوبو نٿو هلي سگهي :گورنر ڪي پي

وفاق جي تعاون کان سواءِ صوبو نٿو هلي سگهي :گورنر ڪي پي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته وفاق سان گڏ هم آهنگي خيبرپختونخواهه جي لاءِ خوشي جوڳي آهي صوبي جي خوشقسمتي آهي ته اسان وفاق سان گڏ هڪ پيج تي اچي ويا آهيون، وفاق جي تعاون کان سواءِ صوبو نٿو هلي سگهي، صوبي کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل وفاق سان گڏجي ئي ممڪن آهي.صوابي ۾ اجتماع ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وفاق ۽ ٻين صوبن سان خوشگوار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ منهنجي ترجيحات ۾ شامل آهي هن چيو ته ڇهن مهينن جو وقت وڏو هوندو آهي، سڀني کي گڏجي دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهڻي آهي، انهي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششُن ڪرڻيون پونديون.گورنر چيو ته حددخلين جي خلاف بنا ڪنهن فرق ۽ قانون موجب ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، قانون جو لاڳو سڀني کان پهريان پاڻ تي ڪندس. هن چيو ته ميڊيا کي تنقيد براءِ اصلاح جو مڪمل حق حاصل آهي، مثبت تنقيد سان ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي آهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ انقلاب آڻڻو پوندو. جڏهن ته ادارن ۾ حقيقي بهتري ۽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ انقلابي قدم ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو