اسلام آباد ڪنٽينرز سان سيل، اسڪولن ۾ موڪل، فوج جو گشت

اسلام آباد ڪنٽينرز سان سيل، اسڪولن ۾ موڪل، فوج جو گشت

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري شهر جي پوليس موجب اسلام آباد ۾ هڪ هزار ڪنٽينرز پڪڙي مختلف روڊن جي پاسن تي رکيا ويا آهن. پنجاب حڪومت وڌيڪ ڪنٽينر جهلم، منڊي بهاو الدين، گجرانوالا ۽ ٻين شهرن مان پڪڙي اسلام آباد منتقل ڪري رهي آهي. اعلان موجب 22 سيپٽمبر تي جماعت اسلامي، 25 سيپٽمبر تي ڪسان اتحاد ۽ 27 سيپٽمبر تي پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ احتجاج جا علان ڪيا آهن. وفاقي حڪومت پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستن مان 23 هزار کان مٿي پوليس اهلڪار اسلام آباد گهرايا آهن. جن جي رهائش لاءِ 22 سيپٽمبر کان سرڪاري اسڪولن م موڪل ڪئي وئي آهي، جتي پوليس اهلڪارن کي ترسايو ويندو. وفاقي گهرو وزارت 40 ڪروڙ روپين جا فنڊز امن امان لاءِ جاري ڪيا آهن ۽ ضرورت پون تي وڌيڪ فنڊز به جاري ڪيا ويندا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گهڻي ڀاکي خالي ڪنٽينر آهن، جن ۾ مٽي ۽ تعميراتي فضلو ڀريو پيو وڃي جيئن انهن جو وزن وڌي ۽ کين هٽائڻ ڏکيو ٿي وڃي. پوليس ذريعن موجب ريڊ زون ۾ ڪيترن ئي ڪنٽينرز کي ويلڊنگ ڪري ڳنڍيو ويو آهي. اسلام آباد انتظاميا چيو آهي ته 40 فٽ ڊگهي ڪنٽينر جو ڪرايو روزانو 20 هزار ڏنو ويندو ۽ ننڍي ڪنٽينر جو ڪرايو 10 هزار روزانو مقرر ڪيو ويو آهي. آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ ايسو سيئيشن جي صدر اويس چوڌري ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڪمپني جا ڪنٽينر پڪڙيا ويا آهن. اسانجي ٽرڪن جي ڊرائيورن جا لائيسنس ۽ گاڏين جا ڪاغز پوليس کسي ورتا آهن. هن چيو ته 2024 ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي وقت به سندس ڪمپني جا ڪنٽينر پڪڙيا ويا هئا، ڪو به معاوضو نه ڏنو ويو هو ۽ احتجاج ختم ٿيڻ جي ڪيترن ڏينهن بعد ڪنٽينر، گاڏيون ۽ ڪاغذ واپس ڪيا هئا. پوليس موٽر وي ۽ جي ٽي روڊ کان اسلام آباد ايندڙ ماڻهن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪيا پيا وڃن. هڪ پاسي پوليس ۽ انتظاميا اهي اپاءَ وٺي رهي آهي ته ٻئي پاسي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ رابطا به هلن پيا. وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي ته عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪريو، گرفتار ڪارڪنن بشمول خان جي ڀيڻن کي آزاد ڪريو، عدالتي حڪم موجب ذاتي معالج، خاندان، وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن جي خان سان ملاقات ڪرايو ته ڌرڻي جي ڪال واپس وٺي سگهجي ٿي. ٻئي پاسي راولپنڊي ۾ پنجاب حڪومت جي درخواست تي 6 مهينن لاءِ گهرايل فوجي دستن گشت شروع ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو