اسلام آباد ريڊ زون، ڪنٽينرن جا انبار لڳي ويا

اسلام آباد ريڊ زون، ڪنٽينرن جا انبار لڳي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف طرفان 27 سيپٽمبر تي لانگ مارچ جي سڏ کي ملتوي ڪرڻ باوجود اسلام آباد جي ريڊ زون جي چوڌاري ڪنٽينرن جو انگ وڌايو پيو وڃي.ريڊ زون جا داخلا ۽ نڪرڻ وارا رستا کليل آهن، پر روڊن جي ڀرسان به ڪنٽينر رکيا ويا آهن.هوڏانهن ٽيڪسلا ۾ پنجاب جي داخلي رستن تي رکيل ڪنٽينر پاسيرا ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ ٽريفڪ جي اچ وڃ معمول تي اچي وئي آهي. ان کانسواءِ اٽڪ پل تان به رڪاوٽون هٽايون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو