اسلام آباد تيز هوائن سان برسات،روڊن تي پاڻي جمع

اسلام آباد تيز هوائن سان برسات،روڊن تي پاڻي جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برسات سبب مختلف علائقن ۾ روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو آهي.مسلسل ٻن ڏينهن جي برسات کان پوءِ، اسلام آباد ۾ اڄ رات ٻيهر تيز برسات ٿي آهي. ان کان علاوه، مالاڪنڊ ۽ آس پاس جي علائقن ۾ به برسات پئي.5 سيپٽمبر دوران اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چکوال، جهلم ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.ياد رهي ته اڱاري تي به راولپنڊي ۾ 230 ملي ميٽر برسات کان پوءِ گهٽيون ۽ رستا دريائن ۾ تبديل ٿي ويا هئا، گاڏيون ٻڏي ويون هيون ۽ پاڻي هيٺاهين وارن علائقن ۾ گهرن ۾ داخل ٿي ويو هو.اربع تي به راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات سبب سڀني ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو