ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عوام راڄ پارٽي جي سربراهه اقرار الحسن خلاف رياست مخالف مواد سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ داخل ڪيس ۾ عدالت کيس عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سائبر ڪرائيم اختيارين اقرار الحسن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ گل ريز مين جي عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اقرار الحسن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.










