اقرار الحسن جي ضمانت واري درخواست رد

اقرار الحسن جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مقامي عدالت خميس ڏينهن ٽي وي اينڪر اقرار الحسن جي سائبر ڪرائم ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. مٿس رياست مخالف مواد پکيڙڻ جو الزام آهي.
اقرار الحسن کي گذريل هفتي پنهنجي سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽن ذريعي رياست مخالف، ڪوڙي ۽ بدناميءَ جو سبب بڻجندڙ مواد پکيڙڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو. مٿس اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام واري قانون (پيڪا) جي مختلف شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
عدالتي مئجسٽريٽ جي جاري ڪيل حڪم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضابطه فوجداري جي قلم 497 تحت درخواستگذار ۽ جوابدار سيد اقرار الحسن ولد سيد محمد اسماعيل پاران داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست اڪلائي وڃي ٿي. اقرار الحسن کي ڪراچيءَ جي سائبر ڪرائم رپورٽنگ سينٽر، نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر نمبر 101/2026 جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام واري قانون 2016ع، جنهن ۾ 2025ع ۾ ترميم ڪئي وئي، جي شقن 9، 10، 20، 24 ۽ 26-اي شامل آهن.
عدالتي حڪم موجب، ضمانت واري درخواست جو نوٽيس اين سي سي آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر (ليگل)کي موڪليو ويو هو.
هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ اقرار الحسن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو هو. ان کان اڳ اين سي سي آءِ اي سندس جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ اٺ ڏينهن واڌ جي درخواست ڪئي هئي.
جڏهن ته ڪراچي اوڀر جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ون گلريز ميمڻ چيو ته جاچ اداري کي جوابدار جي جسماني تحويل ۾ رکڻ لاءِ ”ڪافي وقت“ ڏنو ويو آهي.
جج پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ”اين سي سي آءِ اي پاران جسماني تحويل ۾ واڌ لاءِ ڪو به مضبوط ۽ معقول سبب پيش نه ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري جوابدار کي 26 آڪٽوبر تائين عدالتي تحويل ۾ ڏنو وڃي ٿو.“
عدالت اقرار الحسن جي وڪيل بئريسٽر ميان علي اشفاق پاران داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست تي پڻ اين سي سي آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪيا ۽ ٻڌڻي لاءِ 21 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي.
17 آڪٽوبر تي اقرار الحسن کي سندس شروعاتي چئن ڏينهن واري جسماني رمانڊ جي پڄاڻيءَ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ ميمڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو. اين سي سي آءِ اي جاچ لاءِ سندس تحويل ۾ وڌيڪ 10 ڏينهن واڌ جي درخواست ڪئي، پر مئجسٽريٽ اها درخواست رد ڪندي اداري کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اجازت ڏني.
مئجسٽريٽ اقرار الحسن جي وڪيل پاران ضابطه فوجداري جي قلم 63 تحت داخل ڪرايل اها درخواست پڻ رد ڪري ڇڏي، جنهن ۾ کيس ڪيس مان آجو ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي هئي.
رمانڊ بابت پنهنجي رپورٽ ۾ اين سي سي آءِ اي چيو ته جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، پر اقرار الحسن وٽان ضبط ڪيل ڊجيٽل ڊوائيسز جي فارنزڪ جاچ ۽ ٻين ادارن، جن ۾ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شامل آهي، جي رڪارڊ جي روشنيءَ ۾ اڃا ڪيترن ئي اهم پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ باقي آهي.
اداري موجب، 1,145.89 گيگا بائيٽ ڊيٽا تي مشتمل ڊجيٽل ڊوائيسز فارنزڪ ٽيم حوالي ڪيون ويون آهن، ته جيئن انهن ۾ موجود لاڳاپيل ايپليڪيشنن، سوشل ميڊيا اڪائونٽن، اي ميل اڪائونٽن، محفوظ ڪيل فائلن ۽ رابطن جو تجزيو ڪري مبينا طور پکيڙيل مواد سان لاڳاپيل معلومات معلوم ڪري سگهجي.
اين سي سي آءِ اي انهن پوسٽن جي ”اصل ماخذ، لاڳاپن، مالي رابطن ۽ سرحد پار لاڳاپن، جيڪڏهن ڪي هجن“، جو پتو لڳائڻ لاءِ پڻ وڌيڪ جسماني رمانڊ گهريو هو.
مئجسٽريٽ پنهنجي اڳوڻي حڪم ۾ چيو هو ته ڊجيٽل نشانين، فني ڊيٽا ۽ فارنزڪ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ مناسب وقت گهربل هوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جاچ جاري هئڻ دوران جوابدار کي ڪيس مان آجو ڪرڻ سان جاچ جو عمل متاثر ٿي سگهي ٿو.
اين سي سي آءِ اي الزام هنيو آهي ته اهو مواد عوام کي آئيني عملدرآمد خلاف ڀڙڪائڻ جي مقصد سان پکيڙيو ويو، جنهن سان خوف، بدامني ۽ بيچيني پيدا ٿي سگهي ٿي.
اقرار الحسن خلاف پيڪا جي شقن 9ڏوهه جي ساراهه ڪرڻ)، 10 (سائبر دهشتگردي)، 24 (سائبر ذريعي هراسان ڪرڻ) ۽ 26-اي (ڪوڙي ۽ جعلي معلومات پکيڙڻ جي سزا تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
اقرار الحسن سوشل ميڊيا تي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو