پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي دير ڪالونيءَ ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪرڻ واري واقعي بابت رپورٽ ايس ايس پي آپريشنز پاران سي سي پي او ڏانهن اماڻي وئي آهي. ايس ايس پي آپريشنز جي رپورٽ موجب، اسڪول جي ڇت ڪرڻ جي اطلاع صبح 9 لڳي 5 منٽن تي ملي، جنهن کانپوءِ ريسڪيو 1122 ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي واقعي واري هنڌ طلب ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪول جي عمارت پراڻي ۽ ناقص اڏاوت سبب ڊهي پئي. پوليس موجب، واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمارت ڪرڻ جا اصل سبب معلوم ڪرڻ ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.










