ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ گذريل ڏينهن پيش آيل رحمان بابا ايڪسپريس جي حادثي جا سبب سامهون اچي ويا آهن. پاڪستان ريلوي حادثي بابت ابتدائي جاچ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ حادثي جو سبب مشيني خرابي ڄاڻايو ويو آهي. رپورٽ موجب، ٽرين جي لَگيِج ڪوچ جو سائيڊ هينگر ٽٽڻ سبب حادثو پيش آيو. ٽٽل هينگر ريلوي ٽرن آئوٽ ڪراسنگ ۾ ڦاسي پيو هو، جيڪو حادثي واري هنڌ تان هٿ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملتان ۾ شير شاهه پل ڀرسان ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس حادثي جو شڪار ٿي وئي هئي. حادثي دوران ٽرين جون سموريون 15 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون هيون. واقعي بابت اڳوڻي رپورٽ ۾ ٻارڙي سميت 7 ڄڻن جي فوت ٿيڻ ۽ 40 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ بابت خبر ۾ فوتين جو انگ 6 ۽ زخمين جو انگ 30 ڄاڻايو ويو هو. هڪ مسافر موجب، حادثو صبح جو سوا پنجين وڳي پيش آيو، جڏهن ته روهڙي ڀرسان ٽرين جي نائين بوگي جا نٽ بولٽ به درست ڪيا ويا هئا.










