سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا بي ضابطگين جي جاچ شروع

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا بي ضابطگين جي جاچ شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو (نيب) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا بدعنواني ۽ بي ضابطگين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.نيب موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2023ع واري امتحان بابت شڪايت ملڻ تي نوٽيس ورتو ويو آهي.نيب ڪراچيءَ پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽريءَ کي خط لکي اسڪريننگ ٽيسٽ ۽ لکت واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا تفصيل الڳ الڳ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نيب سمورن اميدوارن جا تفصيل، نتيجن جو رڪارڊ، امتحانن جا اشتهار ۽ مقررين بابت ڄاڻ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.ان کانسواءِ انٽرويو پينل ۾ شامل ميمبرن جا تفصيل به گهريا ويا آهن. نيب موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو گريڊ 18 جي لاڳاپيل آفيسر کي گهربل رڪارڊ سميت 20 آڪٽوبر تي نيب آڏو پيش ٿيڻ کي يقيني بڻائي.

پهنجو تبصرو موڪليو