ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مستقل وي سي لاءِ انٽرويو مڪمل

ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مستقل وي سي لاءِ انٽرويو مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرريءَ لاءِ جمعي ڏينهن ٽنهي اميدوارن جا انٽرويو مڪمل ڪيا ويا.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽنهي سرفهرست اميدوارن، اقرا يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽيءَ جي موجوده وائيس چانسلر ڊاڪٽر وسيم قاضي، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي رجسٽرار ڊاڪٽر معظم علي خان، جڏهن ته بلوچستان يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ قائداعظم يونيورسٽيءَ جي موجوده رجسٽرار ڊاڪٽر شفيق الرحمان جا انٽرويو ورتا.وائيس چانسلر جي مقرريءَ لاءِ جوڙيل سرچ ڪميٽيءَ جي اسڪور موجب ڊاڪٽر وسيم قاضي 86، ڊاڪٽر معظم علي خان 74، جڏهن ته ڊاڪٽر شفيق الرحمان 71 نمبر حاصل ڪيا هئا. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خالد عراقي کي ٻئي مدي لاءِ واڌ نه ملڻ سبب اهو عهدو 28 جولاءِ کان خالي پيل آهي، جنهن ڪري يونيورسٽيءَ ۾ وقتي انتظام هيٺ معاملا هلايا پيا وڃن. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جو اضافي چارج ڪنهن ڊين بدران اين اي ڊي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طفيل جوکئي حوالي ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب، هن ڪجهه ئي هفتن دوران اهڙا قدم کنيا آهن، جيڪي هن پنهنجي اداري اين اي ڊي يونيورسٽيءَ ۾ به نه کنيا هئا. طفيل جوکئي جي انهن قدمن سبب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ شهر ۾ بيچيني پکڙيل آهي، جڏهن ته يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ شاگرد مستقل وائيس چانسلر جي مقرريءَ جا بيچينيءَ سان منتظر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو