اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪسان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي برادري جنگ جي بجاءِ ڳالهين ذريعي تڪرارن جي حل جو رستو اختيار ڪري.امن جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دنيا جي مختلف خطن ۾ جاري تڪرارن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته عسڪري جهيڙو سياسي تڪرارن جو پائيدار حل نه آهي. پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جور ستو سڌو ڪري امن جي ارادي جو عملي مظاهرو ڪيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايران آمريڪا جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ثابت ڪيو ته جنگ سان ڳالهيون بهتر آهن ۽ تڪرارن کان سفارتڪاري وڌيڪ طاقتور آهي. پاڪستان پاڻ جنگ، دهشتگردي ۽ علاقائي عدم استحڪام سبب تمام گهڻو نقصان کڻي چڪو آهي.پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان تڪرارن جي تباهي انساني ۽ معاشي قيمت کي چڱي ريت سمجهي ٿو. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ رابطي لاءِ سهولتڪاري تڪرارن جي پرامن حل جي حمايت ڪئي جيڪا پاڪستان جي مستقل پاليسي جي نشاني آهي.بلاول ڀٽو چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلو، پاڻي ۽ دهشتگردي سميت سمورا گهربل مسئلا ڳالهين ۽ سفارتڪاري سان حل ڪيا وڃن، وچ اوڀر ۾ شهري آبادي کي پيش ايندڙ مسلسل مشڪلاتن تي ڳڻتي آهي. عالمي اصولن کي سليڪٽڊ بنيادن تي لاڳو ڪري امن قائم نٿو ڪري سگهجي.










