ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) منگهو پير ۾ سي ٽي ڊي ۽ وفاقي ڳجهي اداري انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي ڪچي روڊ غازي ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي جي دوران سي ٽي ڊي اهلڪارن ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق فتنته الهندستان سان آهي ۽ اهي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين جي منصوبه بندي ۾ مصروف هئا.ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ڪلاشنڪوف، نائن ايم اين پستول ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي جڏهن ته هٿ آيل هٿيار ۽ ٻين شاهدين کي قبضي ۾ وٺي جاچ ڪئي پئي وڃي.سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگردن جي امڪاني ساٿين ۽ سهولتڪارن بابت به جاچ جاري آهي. دهشتگردن جي ڪراچي ۾ موجود نيٽ ورڪ جي حوالي کان به جاچ ڪئي پئي وڃي. ترجمان سي ٽي ڊي چيو ته دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون. شهرين جي جان، مال جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.










