اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ سيپٽمبر مهيني دوران مهانگائي جي شرح 10.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اداره شماريات موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سيپٽمبر دوران مهانگائي ۾ 1.27 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مهانگائي جي شرح 10.3 سيڪڙو ٿي وئي.رپورٽ موجب سيپٽمبر دوران بصر 29.17 سيڪڙو، ڪڻڪ 3.86 سيڪڙو، بيسڻ 2.74 سيڪڙو، بجلي 15.28 سيڪڙو، ٻارڻ 10.76 سيڪڙو، ايل پي جي 5.37 سيڪڙو ۽ دوائن جي قيمتن ۾ 0.98 سيڪڙو واڌ ٿي. اداره شماريات موجب ٽماٽا 24.67 سيڪڙو، ڪڪڙ جو گوشت 8.14 سيڪڙو، انڊا 5.92 سيڪڙو، ڀاڄيون 1.49 سيڪڙو، کنڊ 0.88 سيڪڙو، ميوا 0.32 سيڪڙو ۽ ڪتابن جون قيمتون 0.60 سيڪڙو گهٽ ٿيون.










