اي آءِ، مهانگائي ۽ قرض عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو قرار

اي آءِ، مهانگائي ۽ قرض عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايم مصنوعي ذهانت، مهانگائي ۽ وڌندڙ قرضن کي عالمي معيشت جي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽالينا جارجيوا عالمي معيشت جي مستقبل جي حوالي سان اميد ۽ خدشا ٻنهي جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪرسٽالينا جارجيوا مصنوعي ذهانت، مهانگائي، وڌندڙ قرضن ۽ موسمياتي تبديلي کي معيشت جي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هن جو چوڻ هو ته توانائي ۽ مالي وسيلن جي گهٽتائي سبب معيشت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي جڏهن ته مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ اضافي سبب مختلف ملڪن جي لاءِ قرضن جي ادائيگي مسلسل مشڪل ٿيندي پئي وڃي.آءِ ايم ايف سربراهه زور ڏنو ته مصنوعي ذهانت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي پر انهي سان گڏ عوام ۽ ڪاروباري ادارن جو تحفظ به يقيني بنائڻ انتهائي ضروري آهي.هن وڌيڪ چيو ته مرڪزي بينڪن کي گهرجي ته اهي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ قيمتن کي مستحڪم رکڻ تي مڪمل ڌيان ڏين. انهي سان گڏوگڏ سائبر حملن ۽ مالي فراڊ کان بچڻ جي لاءِ نگراني جو نظام وڌيڪ سخت ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو