ڪرم(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج ڪرم سيڪٽر مان فتنه الخوارج جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جنهن کانپوءِ افغان طالبان پاران پاڪستاني سرحدي چوڪين تي بنا اشتعال فائرنگ ڪئي وئي.سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان صوبي ننگرهار ۽ پڪتيڪا ۾ موجود افغان چوڪين تان فتنه الخوارج دراندازي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سرحد تي مقرر پاڪستاني فوجي جوانن مؤثر انداز ۾ ناڪام بڻايو. ذريعن موجب دراندازي جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ کانپوءِ افغان طالبان پاڪستاني سرحدي چوڪين کي ڳرن هٿيارن، مارٽرن ۽ ٻين هٿيارن سان بنا اشتعال نشانو بڻايو. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان جي فائرنگ جو ڀرپور جوابي جواب ڏيندي افغان پاسي موجود ڪيترين ئي سرحدي چوڪين ۽ مارٽر پوزيشنن کي نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن موجب جوابي ڪارروائي دوران دشمن جون توپون خاموش ڪرايون ويون، جڏهن ته پاڪستاني فورسز سرحدي علائقن تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شديد جوابي ڪارروائي کانپوءِ افغان طالبان جون ڪيتريون ئي سرحدي چوڪيون خالي ٿي ويون ۽ اهلڪار اتيان پوئتي هٽي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني فورسز سرحدي علائقن ۾ مڪمل چوڪس آهن ۽ ڪنهن به دراندازي يا جارحيت جو مؤثر جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن.










