اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج ڪرم سيڪٽر مان فتنة الخوارج جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ذريعن موجب افغان صوبي ننگرهار ۽ پڪتيا ۾ افغان چوڪين تان افغان طالبان جي نگراني هيٺ فتنة الخوارج طرفان دراندازي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوشش ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ڪرم سيڪٽر ۾ افغان طالبان پاڪستاني سرحدي چوڪين تي بنا اشتعال فائرنگ ڪئي. افغان طالبان طرفان ڳري هٿيارن، مارٽرن ۽ ٻين هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو، جنهن تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دشمن جون توپون خاموش ڪرائي ڇڏيون.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز طالبان جي سرحدي چوڪين کي ننڍن ۽ وڏن هٿيارن سان گڏ توپخاني ذريعي به نشانو بڻايو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فورسز سرحدي علائقن تي مڪمل ڪنٽرول برقرار رکندي دشمن جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو. شديد جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ افغان طالبان جون ڪيتريون ئي چوڪيون خالي ڪري ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا.
ذريعن موجب سرحدي صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي، جڏهن ته دشمن جي ڪنهن به اشتعال انگيزيءَ جو فوري ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ لاءِ فورسز مڪمل طور تي تيار ۽ خبردار آهن.
ان کان اڳ به سرحد پار کان دراندازي ۽ تخريبي ڪاررواين جون ڪيتريون ئي ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، جن جو مقصد سرحدي علائقن ۾ بدامني پيدا ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي صورتحال کي متاثر ڪرڻ هو. تنهن هوندي به پاڪ فوج جي جوانن بروقت ڪارروائي ڪندي انهن ڪوششن جو مؤثر نموني مقابلو ڪيو ۽ دراندازي جون ڪوششون ناڪام بڻايون.
ٽن هفتن کان اڳ به پاڪ فوج افغانستان مان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 15 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) ٻڌايو هو ته دهشتگردن اتر وزيرستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پاڪ فوج پيشوراڻي مهارت سان دهشتگردن جو 36 ڪلاڪن تائين مقابلو ڪيو. ان ڪارروائي دوران دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ ڳرا هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو هو.










