اُس بي وفا دي ياد وچ، روواں ڪراں ڪه ناں
بيتي دناں دي فير، تمناں ڪراں ڪه ناں‘
ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گهڻن ماڻهن هيءَ پنجابي غزل ڪيترن ئي مشهور فنڪارن جي آواز ۾ ضرور ٻڌو هوندو، پر هن غزل جو شاعر هميشه گمنام ئي رهيو.
هيءَ غزل پاڪستان جي مشهور ۽ سريلي گلوڪارن، جن ۾ نصرت فتح علي خان، اڪرم راهي، مراتَب علي ۽ نصيبو لال شامل آهن، پڻ ڳائي آهي.
ڪيترائي ڀيرا هن پنجابي غزل جي تخليق جو سهرو شيو ڪمار بٽالوي جي مٿي تي ٻڌو ويو، جنهن سبب اصل شاعر جو نالو اڃا وڌيڪ پردي پٺيان هليو ويو.
پنجابي ادب سان لاڳاپيل ڪيترين ئي شخصيتن ماضي ۾ ڪوشش ڪري هن شاعر کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي.
پر حقيقت اها آهي ته هيءَ غزل 1986ع ۾ وفات ڪندڙ پنجابي شاعر سُکبير سنگهه سنڌو لکيو هو. سندس وفات کان 40 سال پوءِ هاڻي سندس مشهور غزلن ۽ ڪلام کي ٻيهر ڪتابي صورت ڏني وئي آهي.
سُکبير سنگهه سنڌو پنهنجي حياتيءَ ۾ به پنهنجي تخليقن کي هڪ ڪتاب جي صورت ڏني هئي، پر اهو ڪتاب ڪڏهن به منظرعام تي اچي نه سگهي ۽ رڳو ردي بڻجي وئي.
ان ڪتاب جون لڳ ڀڳ 10 ڪاپيون ئي خاندان جي ڀاتين ۽ مائٽن تائين پهچي سگهيون هيون.
سُکبير سنڌو جي هڪ مائٽ موجب انهن 10 ڪتابن جي حالت به خراب آهي. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ سُکبير سنگهه سنڌو شراب نوشيءَ جي لت ۾ مبتلا ٿي ويا هئا ۽ سندن حالت اهڙي نه هئي جو هو پنهنجي ڪلام کي ٻيهر شايع ڪرائڻ بابت سوچي به سگهن.
هيءَ غزل پهريون ڀيرو ڪٿي شايع ٿي هئي؟
سُکبير سنڌو ناول نگار جسبير ڀلر جي ڀيڻ نرمل جا مڙس هئا.
ناول نگار جسبير ڀلر ٻڌائي ٿو ته ’اُس بي وفا دي ياد وچ‘ غزل پهريون ڀيرو 1963-64ع ۾ ڪرتار سنگهه بلگن ۽ وِڌاتا سنگهه تير جي رسالي ’ڪويتا‘ ۾ شايع ٿي هئي.
ان کان پوءِ اها سُکبير سنڌو جي پهرين ۽ آخري غزلن جي مجموعي ’پائل‘ ۾ 1973ع ۾ شايع ٿي.
جسبير ڀلر ٻڌائي ٿو ته انگلينڊ مان واپس اچڻ کان پوءِ سُکبير سنگهه ترن تارن شهر ۾ هڪ ريسٽورنٽ هلائيندا هئا. ان دوران هنن پنهنجي غزلن جو ڪتاب شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت پنجابي ڪتاب شايع ڪندڙ سمورا ناشر ڀارت جي شهر امرتسر ۾ هئا.
جسبير ڀلر موجب: ’سُکبير جي گهر جي ويجهو ئي باجوا پرنٽنگ پريس هئي. هن پرنٽنگ پريس تي عام طور ڪتاب ڇپجڻ لاءِ نه ايندا هئا، پر پاڙيسري هجڻ سبب باجوا پرنٽنگ وارا اهو ڪتاب ڇاپڻ لاءِ راضي ٿي ويا. سُکبير پنهنجي ڪتاب جو نالو پنهنجي ريسٽورنٽ جي نالي تي ’پائل‘ رکيو هو.‘
سندس چوڻ موجب پرنٽنگ پريس 1100 ڪاپيون ڇاپي ڇڏيون، پر وٽن ڪتابن جي جلدبنديءَ جو انتظام نه هو، ڇاڪاڻ ته هنن اڳ ڪڏهن ڪنهن ڪتاب جي جلدبنديءَ جو ڪم نه ڪيو هو.
’پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هنن 10 ڪتابن جون جلدون ٺهرائي ورتيون ۽ پوءِ هٿ مٿي ڪري ڇڏيا. بعد ۾ اهي ڪتاب ردي بڻجي ويا ۽ پرنٽنگ پريس وارن اها ردي سندن گهر آڻي رکي. جن ڪتابن جي جلدبندي ٿي هئي، انهن مان هڪ ڪتاب مون وٽ موجود آهي.‘
سُکبير سنگهه سنڌو ڪير هئا؟
سندن پنهنجي ڪتاب موجب سُکبير سنگهه جي پيدائش 12 آگسٽ 1932ع تي ضلعي ترن تارن جي ڳوٺ ڪلسيان خورد ۾ ٿي هئي.
سندن والد سردار سنگهه سنڌو ترن تارن شهر جي گرو ارجن ديو خالصه هاءِ اسڪول ۾ استاد هئا.
ساڳئي شهر مان سُکبير سنگهه ايم اي بي ٽي تائين رسمي تعليم حاصل ڪئي. پنهنجي زندگيءَ ۾ سُکبير سنڌو ڪلارڪ، استاد، پنجاب جي عام تعلقات کاتي ۾ ڊراما انسپيڪٽر ۽ انگلينڊ ۾ اسپري پينٽر طور پڻ ڪم ڪيو.
ترن تارن ۾ ئي سُکبير سنگهه ’پائل هوٽل اينڊ ريسٽورنٽ‘ پڻ قائم ڪيو هو. لنڊن ۾ هو پنجابي ساهت سڀا جا جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا.
عام تعلقات واري کاتي ۾ هن ڪپورٿله ۾ ملازمت ڪئي. ان کان پوءِ هو انگلينڊ هليا ويا.
ڪافي عرصو اتي رهڻ کان پوءِ هو واپس ترن تارن آيا ۽ ريسٽورنٽ کوليائون. انگلينڊ ۾ هو سائوٿ هال ۾ رهندا هئا.
هو گمناميءَ مان ڪيئن نڪري سامهون آيا؟
شاعر پروفيسر گرڀجن سنگهه گل ٻڌائي ٿو ته مان ’بي وفا دي ياد‘ غزل ڪيترائي ڀيرا ٻڌي چڪو هوس. دل شڪسته عاشق اڪثر هيءَ غزل ڳائيندا هئا. ماڻهو ان کي شيو ڪمار بٽالوي جي غزل چئي ڳائيندا هئا.
’مان شيو ڪمار بٽالوي جي تخليقي انداز کان واقف هوس. تنهنڪري مون کي خبر هئي ته هيءَ غزل شيو ڪمار جو نه آهي. ان کان علاوه فن جي شعبي سان لاڳاپيل مون کان وڏي عمر جون ڪيتريون ئي شخصيتون به مون کي ٻڌائي چڪيون هيون ته هيءَ تخليق شيو جي نه آهي.‘
هو چوي ٿو ته جنهن تخليق کي وڏن وڏن فنڪارن ڳايو هجي ۽ جيڪا بي شمار اسٽيجن تي پيش ڪئي وئي هجي، ان جو اصل وارث ڪير آهي؟ هڪ مشهور غزل جو شاعر گمنام ڪيئن رهي سگهي ٿو؟ منهنجي اندر ان شاعر کي ڳولڻ جي خواهش هئي، پر ڪا به معلومات نه ملي رهي هئي.
سندس چوڻ موجب 2010ع ۾ هو ڪلڪتي ويو، جتي سندس ملاقات پنجابي ناول نگار موهن ڪاهلون سان ٿي.
’هنن ٻڌايو ته هن غزل جو شاعر سُکبير سنڌو آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ترن تارن ۾ رهندو هو. مون ترن تارن جي ڪيترن ئي ليکڪن کان سُکبير سنڌو بابت پڇا ڪئي، پر ڪنهن کي به سندس نالي جي خبر نه هئي.‘
’پوءِ هڪ ڏينهن اتفاق سان منهنجي ملاقات پنجابي اديب ڪرنل جسبير ڀلر سان ٿي. هنن ٻڌايو ته سُکبير سنڌو سندن مائٽ هئا. هنن اهو پڻ ٻڌايو ته سُکبير ’پائل‘ نالي هڪ ڪتاب شايع ڪرايو هو، جيڪو ماڻهن تائين پهچي نه سگهيو. آخرڪار جسبير ڀلر ’پائل‘ جي واحد دستياب ڪاپي ڳولي ڪڍي.‘
ناول نگار جسبير ڀلر چوي ٿو: ’سُکبير سنگهه سنڌو هاڻي ٻيهر زنده ٿي ويو آهي. اڳ مون کي تمام گهڻو خراب لڳندو هو جڏهن مشهور فنڪار نصرت فتح علي خان، اڪرم راهي، مراتَب علي ۽ نصيبو لال سندس تخليق ڳائيندا هئا.‘
’ڪاليجن جي گائڪيءَ جي مقابلن ۾ سندس غزلون ڳايون وينديون هيون، پر سُکبير سنگهه سنڌو جي نالي جو ذڪر نه ٿيندو هو. ڪيترائي ڀيرا ماڻهو پنهنجا شعر شامل ڪري سندس تخليق کي پنهنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيندا هئا.‘
’پر هاڻي سُکبير سنڌو کي سندس تخليقن جو ڪريڊٽ ملڻ شروع ٿي ويو آهي. اهو ڄاڻي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي.‘
ڳوٺ ۾ ڪتاب ڇو ورهايا ويا؟
پنجاب حڪومت مان رٽائرڊ اي ٽي او سرجيت سنگهه سنڌو چوي ٿو: ’اسان کي ڪجهه ڏينهن اڳ خبر پئي ته اسان جي ڳوٺ جي هڪ ماڻهو دنيا ڀر ۾ ڳايون ويندڙ مشهور غزل لکيا هئا. اسان فوراً ڪتاب خريد ڪري ڳوٺ ۾ ورهايا، جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته هن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ سُکبير سنڌو جون ڪهڙيون تخليقون آهن ۽ ماڻهو سندس باري ۾ ڄاڻي سگهن.‘
ناول نگار جسبير ڀلر ٻڌائي ٿو: ’سُکبير سنڌو کي شراب جي حد کان وڌيڪ لت هئي. خاندان کيس شراب ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ جون تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر ڪاميابي نه ملي. بعد ۾ هن ڪيترائي ڀيرا لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر قلم سندس ساٿ نه ڏنو.‘
سندس چوڻ موجب آخري ڏينهن ۾ کيس گينگرين به ٿي وئي هئي ۽ پوءِ 5 جون 1986ع تي هن آخري ساهه کنيو.
سُکبير سنگهه سنڌو پنهنجي حياتيءَ ۾ اها عزت حاصل نه ڪري سگهيا، جنهن جا هو حقدار هئا، پر 40 سالن کان پوءِ هاڻي سندس نالو ٻيهر سندس غزلن سان ڳنڍجي رهيو آهي. (نوٽ هي بي بي سي پنجابي تي شاايع ٿيو، جن جي ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










