سون جي في تولو اگهه ۾ اڄ 2800 رپين جي واڌ

سون جي في تولو اگهه ۾ اڄ 2800 رپين جي واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي في تولو اگهه ۾ اڄ 2800 رپين جي واڌ ٿي وئي آهي. آل پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت 4 لک 40 هزار 636 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙيءَ طرح 10 گرام سون جي قيمت ۾ 2401 رپيا اضافو ٿيڻ کانپوءِ اگهه 3 لک 77 هزار 774 رپيا ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت 28 ڊالر وڌي 4181 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو