اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خطي ۾ غير يقيني صورتحال جي باوجود، ايران کان پاڪستان جي درآمدات ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.واپار واري وزارت جي ذريعن موجب، جولاءِ ۽ آگسٽ 2026 دوران ايران کان پاڪستان جي درآمدات 17 سيڪڙو وڌي 248 ملين ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 212 ملين ڊالر هئي.ذريعن ٻڌايو ته تڪرار واري صورتحال جي باوجود ايران مان پاڪستان جون درآمدات جاري رهيون.مالي سال 26-2025 دوران، پاڪستان ايران مان 1.395 بلين ڊالرن جي ماليت جو سامان درآمد ڪيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 12 سيڪڙو اضافو ظاهر ڪري ٿو.مالي سال 25-2024 ۾ ايران مان درآمدات جو حجم 1.241 بلين ڊالر هو.انگن اکرن موجب، مالي سال 2023-24 ۾ پاڪستان جي ايران کان درآمدات 1.37 ارب ڊالر، مالي سال 2022-23 ۾ 880 ملين ڊالر، مالي سال 2021-22 ۾ 773.8 ملين ڊالر، مالي سال 2020-21 ۾ 518.6 ملين ڊالر ۽ مالي سال 2019-20 ۾ 440 ملين ڊالر هيون.










